ديوان پرڀداس آڏواڻيءَ جي سماڌي

ديوان پرڀداس آڏواڻيءَ جي سماڌي

ديوان پرڀداس آڏواڻي

ديوان پرڀداس آڏواڻي

ديوان پرڀداس آڏواڻي

ديوان پرڀداس آڏواڻي (راءِ بهادر): ديوان پرڀداس آڏواڻي ولد شيوڪرام، حيدرآباد جي نو ودياله اسڪول (هاڻي اولڊ ڪئمپس) جو باني، 6 مئي 1866ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان حيدرآباد جي سنڌي هندن جي هڪ مشهور عاملن مان هڪ هو. هن خاندان جي باري ۾ ناليوارو ليکڪ ڀيرومل آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي هندن جي تاريخ‘ جي ٻاويهين باب ۾ لکي ٿو ته: ”آڏواڻي خاندان وارا امرتسر ۽ ملتان ۾ به آهن، جيڪي ’اروڙ ونسي‘ سڏجن ٿا. آڏواڻي خاندان مان هڪ وڏو ديوان آڏومل ولد لکو مل ولد جسو مل ملتان جي ڳوٺ لوهپور مان ميان نور محمد سان گڏ سنڌ ۾ آيو. انهن آڏواڻي خاندان وارن کي ميرن ٽالپرن، هيرآباد وارو علائقو ڏنو، جيڪو پوءِ ’عامل ڪالوني‘ بڻيو. ديوان آڏومل ميان نور محمد وٽ شمشير زن (تلوار جھليندڙ) به هو ۽ پاڻ پنهنجي ٻن پٽن سميت مغلن جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ديوان پرڀداس آڏواڻيءَ جي خاندان جو شجرو انهن آڏواڻين کان شروع ٿئي ٿو. ديوان پرڀداس جي قائم ڪيل ’نوودياليه اسڪول حيدرآباد‘ ۾ اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، جيڪا ڪراچيءَ مان منتقل ٿي. جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري علامه آءِ. آءِ. قاضي ڪئمپس ۾ منتقل ڪئي وئي ته نو ودياله اسڪول ’اولڊ ڪئمپس هاءِ اسڪول‘ سڏجڻ ۾ آيو. هن تاريخي عمارت ۾ هن وقت صبح جي وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي زير اهتمام ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ ماڊل اسڪول جا (ڪي. جي کان ٻارهين درجي تائين) ڪلاس هلن ٿا ۽ شام جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جا ڪلاس هلن ٿا. پرڀداس، هن نوودياليه جو بنياد 1897ع تي وڌو هو. ديوان پرڀداس ننڍي هوندي کان ذهين، چالاڪ ۽ پڙهائيءَ ۾ ڀڙ هو. ابتدائي تعليم حيدرآباد انجينئرنگ اسڪول مان حاصل ڪيائين، جتان هن پوري تعليم ۽ سکيا ورتي ۽ انجينئرنگ جو امتحان پاس ڪيو. ديوان پرڀداس تعليم حاصل ڪرڻ بعد اريگيشن کاتي ۾ سرويئر مقرر ٿيو. انگريز سندس ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿيا. ديوان پرڀداس آڏواڻيءَ کي شروع کان ئي تعليم جي حاصلات ۽ سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ جو شوق هو. هن اريگيشن جي نوڪريءَ مان انگريز آفيسر ايگزيڪيٽو انجينئر مسٽر ٿامسن کان ناراض ٿي استعيفا ڏني. ان کانپوءِ ساڌو هيرانند جي نئين قائم ڪيل يونين اڪيڊمي اسڪول ۾ گڏ رهيو ۽ سيڪريٽري طور اسڪول جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪيائين. جنهن بعد 1882ع کان 1884ع جي شروع ۾ ’نيو انگلش اسڪول‘ نالي سان هڪ نئون اسڪول کوليائين. ان کانسواءِ حيدرآباد ۾ ديوان کيمچند ۽ ديوان ليکراج جي کوليل پرائمري اسڪولن ۾ بنا اجرت جي پڙهائيندو هو. حيدرآباد ۾ ڪيترائي سال ميونسپالٽيءَ جو مشير رهيو. هن سرڪار پاران حيدرآباد جي شهرين تي هائوس ٽيڪس مڙهڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سندس ڪوششن سان حيدرآباد ۾ مختلف ٻولين جا پرائمري اسڪول کليا، جن ۾ سنڌي اسڪول، اردو اسڪول، گجراتي اسڪول ۽ سنسڪرت اسڪول شامل آهن. ديوان پرڀداس کي ڇوڪرين جي تعليم جو به فڪر هو. ديوان پرڀداس ڇوڪرين ۾ اعليٰ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ ڊاڪٽر ربن سان گڏ ’نو ڪنيا ودياليه‘ جي نالي سان ڇوڪرين جو اسڪول کوليو، جنهن ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ڏني ويندي هئي. ان کانسواءِ لوڪل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو ۽ حيدرآباد جي ميونسپالٽي واري دؤر ۾ حيدرآباد ۾ صفائي سٿرائيءَ سان گڏ پڪن رستن، پارڪ لائيٽن ۽ فانوسن لڳرائڻ جا ترقياتي ڪم ڪيائين. عوامي ڀلائيءَ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. حيدرآباد جي ليڊي ڊفرن اسپتال جو سيڪريٽري ٿي رهيو. اسپتال جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ٻهراڙيءَ جي عورتن لاءِ دائپي (Maternity) جي ڪم جي سکيا ڏيڻ لاءِ اسڪول ۽ نرسنگ سينٽر قائم ڪرايائين. غريب ٻارن جي مفت تعليم لاءِ اسڪولن جو مئنيجر ٿي رهيو، اهي اسڪول نولراءِ ۽ تاراچند جا جاري ڪرايل هئا. پرڀداس اعزازي مئجسٽريٽ پڻ رهيو. ديوان پرڀداس هندو مسلم اتحاد جو حامي رهيو. 1932ع ۾ لال ڪرپلاڻيءَ ۽ تُلسي ٻائيءَ جي کڄي وڃڻ بعد هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي جذبات ڪري زبردست ڇڪتاڻ پيدا ٿي، پر ديوان پرڀداس ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون. هن پنهنجن ساٿين سان گڏجي هندو مسلم فساد کي روڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي به حاصل ڪيائين. پرڀداس ڪيترائي فلاحي ڪم ڪيا، جن ۾ 1897ع ۾ حيدرآباد ۾ پليگ جي وبا دوران مريضن جي علاج معالجي ۾ ڀرپور حصو ورتائين. 1908ع ۾ انفلوئنزا جي وبا ۾ ورتل مريضن جي علاج لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانسواءِ هن سنڌ ۾ ’برهمو سماج‘ جو بنياد رکيو. هن تنظيم جو مقصد هندن ۾ وديا (تعليم) جو ڦهلاءُ، ستيءَ جي رسم ۽ نشي خلاف جدوجهد ڪرڻ هو. ديوان پرڀداس، بنگال جي مذهبي رهنما ’برهمانند ڪيشب چندر سين‘ جي لکڻين کان متاثر ٿي ’برهمو سماج‘ جو بنياد وڌو. اصل ۾ هيءَ تنظيم ڪلڪتي ۾ هئي ۽ ان جو باني ديوندر ناٿ ٽئگور هو، جيڪو نوبل انعام يافته شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جو والد هو. 1891ع ۾ نندلال سين اڪيڊمي اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ ’سنڌ سيمنري‘ نالي هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ قائم ٿيو، جنهن ۾ پرڀداس به شامل هو. ان ئي وقت ۾ پرڀداس پنهنجو هڪ عاليشان اسڪول کوليو، جنهن جو نالو ساڌو نولراءِ رکيو ويو. پر ديوان تارا چند جي سخت اعتراض تي ان جو نالو ڦيرائي نو ودياليه رکيو ويو، ڇو ته اهڙيءَ طرح 1897ع ۾ نو ودياليه جو بنياد پيو. ديوان پرڀداس نو ودياليه جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ سخت محنت ڪئي. اعليٰ آفيسرن سان تعلقات وڌائي ۽ سرڪار وٽان چڱي چوکي گرانٽ حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح نوودياليه هاءِ اسڪول اوج تي پهتو ۽ حيدرآباد ۾ ان جون ٻارهن شاخون قائم ٿيون. 1900ع ۾ نوودياليه کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. ديوان پرڀداس پاڻ به ان اسڪول ۾ اخلاقيات پڙهائيندو هو. نوودياليه جي هيءَ عمارت ٻه منزله آهي. عمارت جي مٿان هڪ وڏو ٽاور ڪلاڪ لڳل آهي، جيڪو پري کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هي گھڙيال هر ڪلاڪ بعد وقت مطابق گھنڊ وڄائيندو آهي. نو وياليه اسڪول جي عمارت هڪ شاهي محل جو ڏيک ڏئي ٿي. ڪشادا ۽ وڏا ڪلاس روم، سائنس هال ۽ هڪ وڏو ڊرائنگ هال آهي. نو ودياليه واري عمارت ۾ روشني ۽ هوا جو پورو انتظام ٿيل آهي. ڪمرن جون ڇتيون تمام مٿي ۽ انهن ۾ هوادان بادگير لڳل آهن. بلڊنگ جي چوڌاري ڪشادو ورانڊو آهي. ديوان پرڀداس پاڻ هڪ انجينئر هو ۽ مذهبي تعصب کان مٿانهون هو، ان ڪري هن نو ودياليه جي نقشي ۾ اسلامي محراب، هندو مندر ۽ عيسائي چرچن جي نادر اڏاوتي نمونن جو سنگم بنارايو. عمارت جا محراب اسلامي طرز تعمير جو نمونو آهن. مٿي ڇت ۽ ان جي ڪنگرن جو نمونو هندو مندرن جي طرز تي بنايو ويو ۽ وڏي هال جون دريون ۽ ٽاور ڪلاڪ عيسائي چرچ جي نموني تي آهن. بمبئي سرڪار جي تعاون جي ڪري هن اسڪول لاءِ ڪيئي گرانٽون منظور ٿيون. انگريزن وٽ هن ودياليه جي هاڪ پهچي وئي هئي. ان وقت هن اسڪول ۾ هڪ هزار شاگرد ۽ ماهر استاد هئا. ديوان پرڀداس جي ديانتداري علم دوستي ۽ انسان دوستيءَ کي ڏسي برطانيه حڪومت سندس خدمتن جي قدر شناسي ڪندي، نو ودياليه جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ سندس مدد ڪئي ۽ گڏوگڏ کيس ٽي هزار ايڪڙ زمين، سونو تمغو ۽ راءِ بهادر جو خطاب ڏنو. ديوان پرڀداس جي ڀائٽيي هزارِي مل جي سازشي شڪايتن شروع ٿيڻ ڪري نو ودياله جا فنڊ بند ٿي ويا، جيڪو نو ودياليه جو سپروائيزر هو. ديوان پرڀداس وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ ان بد نيت انسان هزاري مل تي خرد برد جا الزام ثابت ٿيا ۽ جيل حوالي ٿيو. راءِ بهادر ديوان پرڀداس کي پنهنجي ڀائٽيي جي ان ڪم تي دلي صدمو پهتو. هن ڳرا قرض کڻي اسڪول جو ڪار وهنوار هلايو، پر اسڪول ڏينهون ڏينهن خساري جو شڪار ٿيندو رهيو. آخرڪار حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر گوپ (جيڪو نو ودياليه ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو) کي دست اندازي ڪرڻي پئي. اسڪول تي اڌ لک قرض رهجي ويو، جنهنڪري سرڪار پنهنجا فنڊ بند ڪري ڇڏيا، اسڪول جو نظام جام ٿي ويو. اهڙي طرح راءِ بهادر ديوان پرڀداس جي دل بيهڻ پئي. راءِ بهادر ديوان پرڀداس کي ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءُ هئي، جن ۾: سندر داس، نرملداس ۽ ولڀرداس ۽ هڪ ڌيءَ رڪمڻي ٻائي هئي. ديوان پرڀداس، 20 مئي 1939ع تي شام جو ٽين وڳي وفات ڪئي. سندس سماڌي نو ودياله (موجوده ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ماڊل اسڪول) جي اڱڻ ۾ موجود آهي.


لفظ ديوان پرڀداس آڏواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1866.05.06  عيسوي

ديوان پرڀداس آڏواڻي ولد شيوڪرام، حيدرآباد جي نو ودياله اسڪول (هاڻي اولڊ ڪئمپس) جو باني، 6 مئي 1866ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو.


1939.05.20  عيسوي

ديوان پرڀداس، 20 مئي 1939ع تي شام جو ٽين وڳي وفات ڪئي. سندس سماڌي نو ودياله (موجوده ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ماڊل اسڪول) جي اڱڻ ۾ موجود آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جامي مولانا عبدالرحمان
پاراشر
شير محمد خان
چترا سنگهه
ڀڳڙو خان جيڻو
ٽنڊولڪر سچن
ميان عبدالرحيم درس
چانڊيو شهمير خان ’شهمير‘
عبدالرحيم مگسي
راجا جئدرٿ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون